برطانيه ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پولنگ مقامي وقت موجب صبح 7 کان رات 10 وڳي تائين جاري رهندي. برطانوي ميڊيا موجب 650 سيٽن جي لاءِ ليبر پارٽي، ڪنزرويٽو، لبرل ڊيموڪريٽس ۽ ٻين پارٽين جا ساڍا 4 هزار اميدوار آمهون سامهون آهن چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کان علاوه برٽس پاڪستاني اميدوار به قسمت آزمائيندا. سڄي ملڪ ۾ تقريبن 5 ڪروڙ ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. چونڊن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 40 هزر کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. چونڊيل ميمبر 9 جولاءِ تي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حلف کڻندا ميمبرن جي حلف کڻڻ کان پوءِ اسپيڪر جي چونڊ ڪئِي ويندي. برطانوي ميڊيا موجب ووٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ايگزٽ پول جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ پولنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا. جڏهن ته برطانيه ۾ جمعي جي صبح تائين گهڻن تڪن جا نتيجا اچي ويندا. عام چونڊن جي لاءِ برطانيه کي 350 تڪن ۾ ورهايو ويو آهي. اڪثريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به پارٽي کي 326 سيٽون کٽڻ لازمي آهن.