بشريٰ بي بي جي هدايت: عمران خان جيل ۾ حڪيمن جون دوائون به استعمال ڪرڻ لڳو

تحريڪ انصاف جو باني چيئرمين عمران خان جيل ۾ ديسي دوائون به استعمال ڪرڻ لڳو آهي. ذريعن موجب اڱاري تي سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي چيڪ اپ ڪندڙ پمز جي ميڊيڪل ٽيم کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ عمران خان جي پيٽ ۾ تڪليف ٿي، ڪجهه ڏينهن کان کيس قبض جي به شڪايت هئي
اهڙي شڪايت تي عمران خان پنهنجي گهر واري بشريٰ بي بي جي تجويز ڪيل قرص ملين ديسي دوا استعمال ڪئي جنهن مان کيس ڪافي فائدو ٿيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته عمران خان پاڻ کي فٽ رکڻ ۽ اسٽمنا وڌائڻ جي لاءِ هڪ هربل ميڊيسن به استعمال ڪري رهيو آهي انهي حوالي سان عمران خان چيو آهي ته منهنجي گهر واري بشريٰ بي بي ديسي دوائن جي باري ۾ منهنجي ڪافي رهنمائي ڪندي آهي جنهن سان مون کي ڪافي فائدو به ٿيندو آهي.