تفصيل مطابق، راولپنڊي جي احتساب عدالت، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي باني عمران خان جي زال بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پاؤنڊ جي ڪيس ۾ ناقابلِ ضمانت وارنٽِ گرفتاري جاري ڪيا آهن. ڪيس جي سماعت احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي، عدالت بشريٰ بي بي جي ضامن کي به شوڪاز جاري ڪيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پڻ 19 ڪروڙ پاؤنڊز ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. بشريٰ بي بي کي وارنٽِ گرفتاري مسلسل غير حاضري جي سبب جاري ڪيا ويا، عدالت نيشنل احتساب بيورو (نيب) کي هدايت ڪئي آهي ته بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪري 26 نومبر تي پيش ڪيو وڃي.