بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏئي ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ ملير بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جي نالي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي بار جي نئين چونڊيل صدر عامر نواز وڙائچ ۽ جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن ملير بار جي نئين چونڊيل صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو کي به مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پ پ چيئرمين چيو ته اميد آهي ته نئين چونڊيل قيادت وڪيل برادري کي وڌيڪ جمهوري ۽ مضبوط بنائيندي. پ پ جمهوريت جي مضبوطي ۽ آئيني بالادستي جي تحفظ ۾ پنهنجو قائدانه ڪردار ادا ڪندي رهندي.