بلوچستان ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران جهيڙي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن مقامي ذريعن موجب حب ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 21 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران 2 ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو. سوڪ سينٽر حب ۾ ٿيندڙ جهيڙي دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيافائرنگ جي اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪيون. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو ميڊيا ذريعن موجب پوليس فائرنگ جي الزام ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ياد رهي ته عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف صوبي ۾ سياسي پارٽين طرفان احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان سرڪاري آفيس جي سامهون ڌرڻو هڻڻ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي قومي شاهراهه تي احتجاج به ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن صوبي ۾ شٽربند هڙتال پڻ ڪئي وئي هئي.