بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: مستحق خاندانن لاءِ ٽه ماهي وظيفن جي شفاف ورهاست جاري، سخت مانيٽرنگ جا حڪم

سکر:05 جنوري 2025: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران مستحق خاندانن ۾ بينظير ڪفالت تحت ٽه ماهي وضيفو ورهائڻ جو سلسلو قائم ڪيل ڪيمپن م جاري آهي. ان سلسلي ۾ چوٿين فيز ۾ نارٿ زون سکر ريجن جي ٽنھي ضلعن ،خيرپور ،گھوٽڪي ۽ ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعا به شامل آھن.ان سلسلي م ڊائريڪٽر جنرل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذوالفقار علي شيخ سمورن ضلعن جو دورو ڪري سخت مانيٽرنگ کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ان حوالي سان سکر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي زونل آفيس سکر ۾ آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽه ماهي قسطن بابت مليل شڪايتن جو ازالو ڪندي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ان سلسلي ۾ سخت مانيٽرنگ جو به حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ زونل ڊائريڪٽر بي آءِ ايس پي سکر عبدالحفيظ ناپر، ڊائريڪٽر اين ايس اي آر عرفان رفيق، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبداللطيف، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالخالق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڊائريڪٽر جنرل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذوالفقار علي شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته سکر جي مختلف ضلعن جي دوري دوران 139 کان وڌيڪ مافيا جا ايجنٽ جيڪي رومنگ ۽ ٻين شڪايتن ۾ ملوث آهن انهن کي فوري طور بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، هن چيو ته اهڙن سمورن ايجنٽن جيڪي ڪٽوتي يا رومنگ ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به حالت ۾ ڪئمپس ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي جي سنڌ ذوالفقار علي شيخ چيو ته مستحق عورتن ۾ 10500 وظيفي بي پئسن جي شفاف ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون يون ويون آهن، جيڪي فيلڊ ۾ سخت نگراني ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان علاوه اسلام آباد هيڊڪوارٽر جون ٽيمون به شامل آهن ٽه ماهي قسطن جي ادائگي جي مرڪزن جي ويجهي نگراني ڪري رھيون آھن ۔ هن چيو ته عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ببرلوئي ۾ پيمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. ڊائريڪٽر جنرل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق عورتن ۽ ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي ادائيگي سينٽرن تان پنهنجا پورا 10500 پئسا وٺن ۽ هڪ رپيو به پيمينٽ سينٽر جي اندر ۽ ٻاهر ڪنهن کي به نه ڏين ۽ جيڪڏهن ڪو زبردستي وٺي ته شڪايتن جي ازالي مرڪزن تي بي آءِ ايس پي آفيسرن کي شڪايت ڪن.