بڊاڻي ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ مراد ڇڄڻ تي حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

بڊاڻي ڀرسان گنڍير شاخ لڳ ڳوٺ مراد ڇڄڻ ۾ گذريل رات 20 هٿياربندن حملو ڪري ڏنو جنهن سبب گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڳوٺاڻو لال بخش ڇڄڻ مارجي ويو جڏهن ته ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڳوٺاڻن جو چوڻ ته 20 هٿياربندن هئا جن 3 گهرن تي حملو ڪري گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳين مذاحمت ڪئي جنهن بعد هٿياربندن سڌيون گوليون هلائي گهر ڌڻي لال بخش ڇڄڻ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻن عورتن مائي سڪينا مائي حڪيمان ۽ اڪبر ڇڄڻ قابل ڇڄڻ سميت پنج ڄڻن کي زخمي ڪري 20 مينهون ۽ پنج ڳئون ڪاهي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کان ڪافي ڀيرا اڳ ۾ شر گينگ ۽ بنگوار گينگ جا ڌاڙيل ڀتو گهرندا رهيا پر اسين مسڪين هجڻ جي ڪري هنن کي ڀتو نه ڏيئي سگهياسين جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي