بڊاڻي ۾ ڀَتو نہ ڏيئڻ تي مبينہ هٿياربندن حملو، حملو ڪري لٺين جا ڌڪ هڻي محمد ڀٽو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي محمد ڀٽو جو وارثن سان گڏجي پريس ڪلب بخشاپور ائٽ بڊاڻي پهچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي محمد ڀٽو، صوبو ڀٽو مولوي شبير احمد ڀٽو سان گڏجي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ ڪجھ مهينا اڳ جوابدار موسيٰ ڀٽو مونکي ڌمڪي ڏني هئي تہ پئسا ڏي نت توکي ماري خون ڪندا سون جوابدار موسيٰ ڀٽو ڀائرن سان گڏ ٿي مونتي حملو ڪري لٺين جا ڌڪ هڻي مونکان 50 هزار روڪ رقم ڪڍي ويا آھن. اسان مياڻي ٿاڻي تي موسيٰ ڀٽو عيسيٰ ڀٽو سميت پنجن ماڻھن تي اين سي داخل ڪئي آھي پر هن وقت تائين پوليس جوابدار گرفتار نہ ڪري سگهي آھي نئي ڪيس داخل ڪيو آھي. هنن ايس ايس پي بشير احمد بروهي کي اپيل ڪئي تہ ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي