بڊاڻي ۾ چُلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ورهين جو معصوم ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو. بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ الله داد چاچڙ ۾ علم دين چاچڙ جي گهر مان چُلھ مان اچانڪ چڻنگ اٿڻ سبب سڄي گهر کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ورهين جو معصوم ٻارڙو محمد اسحاق پٽ شمس الدين دين چاچڙ سڙي فوت ٿي ويو سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جي والد شمس دين چاچڙ جو چوڻ هو ته گهر ڪکاوان هئا ٻار رڌ پچاءُ ڪن پيا جنهن سبب چُلھ مان اچانڪ چڻنگ اٿي ته باهه سڄي گهر کي وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو 2 ورهين جو معصوم پٽ سڙي فوت ٿي ويو. جڏهن ته باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل سڙي خاڪ ٿي ويو. هن وقت سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون متاثر نوجوان ڊي سي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مدد ڪئي وڃي.