(ب) فارم ۾ ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرون شامل ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت 10 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرن کي(ب) فارم جو لازمي حصو بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

گهرو وزارت جي ترجمان موجب سيڪيورٽي فيچرز جي تحت 10 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرن کي(ب) فارم جو لازمي حصو بنايو ويو آهي ۽ خصوصي ب فارم(رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ) کي جاري ڪرڻ جو مرحلو 15 جنوري کان شروع ڪيو ويندو.

گهرو وزارت موجب نادرا جي پاسپورٽ کاتي جي تعاون سان ٻارن جي آڱرين جا نشان، تصويرون ب فارم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 15 جنوري کان 10 سالن کان وڌيڪ ۽ 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرون ورتيون وينديون. آڱرين جا نشان ۽ تصويرون نادرا سينٽر تي ورتيون وينديون.

انهي حوالي سان ڳالهيون ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اهڙي قدمن سان ٻارن جي سڃاڻپ ڄاڻ جي چوري ۽ غلط استعمال کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن جي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، غير قانوني پاسپورٽ کي حاصل ڪرڻ ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن ڏوهن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي.