تبت جي ٻئين سڀني کان وڏي ۽ مقدس سمجهيو ويندڙ شهر شگانسي جي ڀرسان طاقتور زلزلي جي لوڏن سبب گهٽ ۾ گهٽ 53 ڄڻن جي فوت ۽ 62 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته نيپال ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ادارن جي رپورٽ موجب زلزلي جي شدت جي حوالي سان چيني ۽ آمريڪي مانيٽرنگ گروپس ڄاڻ ڏني آهي. چين جي زلزله نيٽ ورڪس سينٽر موجب زلزلو اڱاري تي مقامي وقت موجب صبح 9 لڳي 5 منٽن تي آيو، انهي جي گهرائي 10 ڪلو ميٽر(6.2 ميل) ۽ شدت 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته آمريجا جي جيولوجيڪل سروي زلزلي جي شدت 7.1 رپورٽ ڪئي. رپورٽ موجب 6.8 شدت جو زلزلو طاقتور ۽ سخت نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هڪ کان وڌيڪ آفٽر شاڪس به رپورٽ ڪيا ويا جن ۾ سڀني کان وڌيڪ زوردار جهٽڪا 4.4 شدت جا هئا. چين جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي زنهوا رپورٽ ڏني آهي ته شهر جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿيا انهي کان علاوه ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويو جڏهن ته مقامي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ الجزيره جي رپورٽر بيجنگ کان رپورٽنگ ڪندي ٻڌايو ته متاثر علائقن مان ايندڙ تصويرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ گهر پٽ پوندي نظر اچي رهيا آهن. رپورٽر ٻڌايو ته زلزلي جو شڪار ٿيندڙ علائقا جابلو ڳوٺن ۾ آهن جتي پهچڻ ۾ پريشاني پيش اچي رهي آهي. ٻيو سياري جي موسم دوران ايستائين پهچڻ وڌيڪ مشڪل بڻجي ويو آهي. علائقي ۾ سخت سيءَ هجڻ سبب ڪافي ماڻهو پريشان آهن جڏهن ته ڪوبه وڏو شهر ويجهو نه آهي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي چين جي سرڪاري ميڊيا جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته زلزلي جي لوڏن سبب گهٽ ۾ گهٽ 53 ڄڻا فوت ۽ 62 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.