تحريڪ انصاف طرفان احتجاج جو سڏ: اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو، سيڪيورٽي وڌائي وئي

عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان احتجاج جي سڏ کان پوءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ۽ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ان حوالي سان گشت وڌائيندي شهر جي چيڪنگ سخت ڪئي وئي آهي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سي ٽي ڊي جي خصوصي دستن کي به مقرر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته شهري سفر دوران ضروري سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ سان گڏ رکن ۽ چيڪنگ دوران پوليس سان تعاون ڪري پوليس ترجمان ٻڌايو ته ايف نائن پارڪ جي چوڌاري ٽريفڪ جو رش ٿي سگهي ٿو ان لاءِ شهري ان طرف غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.