ڪشمور پوليس جو تنگواڻي ٿاڻي جي حد ۾ چورن خلاف ڪارروايون ڪشمور پوليس پاران بھلڪاڻي ۽ ڀيو گينگ خلاف آپريشن/ ڇاپو شروع ڪشمور پوليس سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آپريشن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو آپريشن ۾ جديد مشنري سميت پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي. ايس ايس پي ڪشمور آپريشن ۾ ڌاڙيلن جا ٿاڪن ۽ مورچن کي باهه ڏئي تباهه ڪيو ويو آهي. ۽ ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ڳولا جاري آهي اهو آپريشن ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن امان جي صورتحال بحال نه ٿيندي. ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي