تنگواڻي ويجهو جمال پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ الھداد جعفري ۾ نندواڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا تاج محمد جعفري، انور جعفري ۽ مھراڻ عرف کنڊو نندواڻي ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته قربان جعفري، منصب جعفري، الله داد جعفري، صدام نندواڻي، نقيف نندواڻي، اصغر نندواڻي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، جنهن سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. تنگواڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ مارجي وڃڻ جو خدشو آهي پوليس موجب تنگواڻي واقعو جعفري ۽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو پيش آيو. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. تنگواڻي ۾ جهيڙي دوران زخمين کي ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويلن ۾ تاج محمد جعفري، انور جعفري ۽ مهراڻ عرف کنڊو نندواڻي شامل آهن.