تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد مان چوپائي مال جي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ هڪ ڄڻو قتل عورت سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مير حسن جعفري ۾ هٿياربندن ڀاڳين کان چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڀاڳين طرفان مزاحمت تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڀاڳيو سليمان جعفري ٿڏي تي قتل جڏهن ته عورت سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ بابو جعفري، شفيع محمد جعفري، ڪرمان جعفري، علي محمد نندواڻي، جاويد نندواڻي سميت هڪ عورت شامل آهن مقتول جو لاش ۽ زخمين کي ڪرمپور اسپتال آندو ويو جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ۾ ڪهرام متل آهي پوليس واقعي واري هنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي آهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.