تنگواڻي چار ڏينهن اڳ تنگواڻي مان اغوا ٿيل غلام رسول بکراڻي ۽ منصور شاه پٺاڻ بازياب نه ٿي سگھيا وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته مغوي غلام رسول بکراڻي جا معصوم ٻارڙا رات ڏينھن روئي روئي بيحال ٿي ويا اسان جو بابا ڪٿي آھي ۽ منصور شاه پٺاڻ جو ماءُ بلڊ پريشر ۽ شگر جو مريض آهي جيڪو پنھنجي پٽ جي صدمي ۾ روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻہ ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا ٻئي مغوي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.