تونسه ۾ ايڊز جي پکيڙ: مريم نواز سبب ڄاڻڻ لاءِ آپريشنل پلان طلب ڪري ورتو

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز تعلقه تونسه ۾ ايڊز جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ آپريشنل پلان طلب ڪري ورتو آهي. اسپتال انتظاميه موجب تونسه ۾ وڌيڪ هڪ ٻاري ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ متاثر ٻارن جو انگ 107 ٿي ويو آهي جڏهن ته اسپتال ۾ روزاني ٻارن سميت ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي يونيسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ هيلٿ کاتي پنجاب جو جوائنٽ مشن قائم ڪيو ويو آهي جيڪو ايڊز ڪنٽرول ۽ بچاءُ جي لاءِ تجويزون پيش ڪندو. جوائنٽ مشن 7 اپريل کان 14 اپريل تائين متاثر ٻارن جي هسٽري ٽريسنگ ڪندو.  هوڏانهن ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان دوائون اماڻيون ويون آهن. پر عملو نه پهچي سگهيو آهي. اسپال اسٽاف ۽ ڊاڪٽرز ئي ايڇ آءِ وي مريضن جي سار سنڀال ڪري رهيا آهن. ايڊز ڪٽرول پروگرام جي عملي جي اچڻ کان پوءِ  ڌار وارڊ قائم ڪيو ويندو. هوڏانهن مريم نواز چيو آهي ته ايڊز سبب متاثر ٻارن جي علاج ۾ ڪابه گهٽتائي يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.