طورخم سرحد جي ڀرسان تڪراري چيڪ پوسٽ جي تعمير تي پاڪستان ۽ افغانستان جي فوج وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي، فائرنگ جي نتيجي ۾ طورخم سرحد کي هر قسم جي چرپر جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته پاڪستاني فوج افغان فوج کي سرحد کان ڪجهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پوسٽ جي تعمير خلاف خبردار ڪرڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي. افغان فورسز به جوابي ڪارروائي پر بعد ۾ ٻنهي ڌرين ڳرن هٿيارن جو استعمال فائرنگ سبب بازارون ۽ سرڪاري آفيسون بند ڪيون ويون، فائرنگ جو سلسلو 2 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.