جاپان ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 48 ٿي ويو، سونامي جي وارننگ واپس ورتي وئي

جاپان ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين جو انگ 48 ٿي ويو آهي پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪيشيڊا نئين سال جي پهرين ڏينهن ايندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ سان گڏ ان ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جاپاني وزيراعظم چيو ته جاپان جي ساحلي علائقي ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ ٿي سگهي جاپاني وزيراعظم چيو ته زلزلي سبب وڏي پيماني تي تباهي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عمارتون پٽ پئجي ويون، ڪيترين ئي عمارتن کي باهه لڳي وئي. هن زلزلي ۾ فوتين جو انگ تمام گهڻو وڌيڪ آهي. هن وقت اسان جي لاءِ متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ هڪ وڏو چيلينج آهي ٻئي طرف ريسڪيو اختيارين چيو آهي ته زلزلي سبب روڊن تي ٿيندڙ نقصان جي ڪري امدادي ڪاررواين دوران پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. زلزلي جي مڪمل تباهي کي ڏسڻ جي لاءِ تباهه ٿيل روڊن سبب پهچڻ ۾ پريشاني پيش اچي رهي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان ۾ گذريل ڏينهن ايندڙ زلزلي کان پوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي جنهن کي هاڻ واپس ورتو ويو آهي پر زلزلي سبب سامونڊي علائقي ان سوزو ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. ان سوزو واري علائقي جي صورتحال کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏنو ويو آهي ان کان علاوه زلزلي سبب متاثر مختلف علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ تقريبن 30 هزار کان وڌيڪ شهري بجلي کان محروم آهن ياد رهي ته جاپان ۾ گذريل ڏينهن ايندڙ زلزلي جي شدت 7.6 رڪارڊ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ سونامي جي وارننگ به جاري ڪئي وئي هئي.