جاگيراڻي برادري جي ماڻهن پاران وڏا ماڇيون لڳ ڪمند جي فصل مان پڪڙيل نوجوان وڏيرو امجد پٽ وڏيري عبدالوهاب سولنگي کي جاگيراڻي برادري جي ماڻهن اوطاق تي کڻي اچڻ بعد کيس جان جي امان ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان جاگيراڻي برادري جي نبن خان جاگيراڻي جو چوڻ هو ته اسان سولنگي برادري جي نوجوان کي ڪمند جي فصل مان پڪڙي پنهنجي اوطاق تي کڻي آياسين هن چيو ته اسان جي اوطاق تي اچڻ بعد سولنگي نوجوان اسان وٽ سام هو هن چيو ته اسان جي غيرت گوارا نه ڪيو ته اوطاقان تي آيل کي قتل ڪيون جنهن بعد کيس جان جي امان ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي