جرمني ۾ افغان شهرين جو پاڪستاني قونصل خاني تي حملو، جهنڊي جي بيحرمتي

 جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ افغان شهرين پاڪستاني قونصل خاني تي پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بيحرمتي جو واقعو پڻ پيش آيو آهي. پاڪستاني سفارتي اختيارين فرينڪفرٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزارت کان احتجاج ڪندي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب افغان شهرين فرينڪفرٽ ۾ احتجاج دوران پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ڪيو، پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊي کي لاهي ان جي بيحرمتي ڪئي جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، رپورٽن موجب افغان شهرين پاڪستاني جهنڊي کي ساڙڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ هو ته پرڏيهي سفارتي ٺڪاڻن جي ذميواري جرمن حڪومت جي آهي انهي معاملي تي عالمي برادري ۾ به سفارتي ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي جي معاملي تي ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي. فرينڪفرٽ ۾ جرمني اختيارين طرفان پاڪستاني سفارتي اختيارين کي مڪمل جاچ جو يقين ڏياريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن اختيارين سوشل ميڊيا تي انهي معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.