جعفر ايڪسپريس واقعو: منهنجي استعيفيٰ سان معاملو حل ٿئي ٿو ته حاضر آهيان: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي کان پوءِ اپوزيشن طرفان عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي مطالبي تي  رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين طرفان خواجه خواجه آصف کان پڇيو ويو ته اپوزيشن سيڪيورٽي ليپس جو ذميوار اوهان کي قرار ڏيندي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي؟ انهي سوال تي خواجه آصف چيو ته مون کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي جيڪڏهن منهنجي استعيفيٰ سان معاملو حل ٿئي ٿو ته مان حاضر آهيان، مون کي انهي تي ڪوبه اعتراض نه آهي. جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي کان پوءِ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو هو ته پوري قوم سميت آمريڪا ۽ گڏيل قومن طرفان به جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي وئي پر پي ٽي آءِ باني طرفان ڪوبه مذمتي بيان نه آيو. پي ٽي آٰءِ اڳواڻ اسد قيصر خواجه آصف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته دفاع وارو وزير پنهنجي نااهلي جو ملبو پي ٽي آءِ جي مٿان وجهي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اپوزيشن اتحاد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي جعفر ايڪسپريس ۾ ٿيل دهشتگردي جي افسوسناڪ واقعي کي وڏو سيڪيورٽي ليپس قرار ڏيندي گهرو وزير، دفاع واري وزير ۽ اطلاعات واري وزير کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. اپوزيشن اتحاد جو چوڻ هو ته ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙي طرح جي سانحن تي لاڳاپيل کاتي جا سربراهه  فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا آهن. دهشتگردن جي حملي ۾ 18 فوجين سميت 26 ڄڻا شهيد ٿيا هئا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ سمورا 33 دهشتگرد مارجي ويا هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد انهي ناڪام ڪارروائي دوران افغانستان ۾ پنهنجن سهولتڪارن سان لاڳيتو رابطي ۾ هئا ۽ ڪجهه دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪٽس به پاتل هئا جنهن جي ڪري تمام گهڻو احتياط سان آپريشن ڪري سمورن دهشتگردن  کي ماريو ويو هو.