جماعت اسلامي 29 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ غزه ملين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شامي حڪومت عوام کي دٻائي رکيو هو، بشارالاسد شامي عوام سان ناانصافيون ڪيون، هينئر تائين شام جي عوام کي انهن جو حق نه مليو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ملڪ جي وسيلن تي قابض آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج جو مٿي وڃڻ سمورو ڪوڙ آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج سان ماضي ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي، بينڪن ۾ جمع پئسا هاڻ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳايا پيا وڃن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته انڪم ٽيڪس جو وڏو حصو ڪراچي مان وڃي ٿو. پيپلز پارٽي 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي ۽ سسٽم جي تحت ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو، ڪراچي ۾ 11 ڏينهن کان پاڻي نه پيو اچي. هن چيو ته جن جا مفاد جڙيل آهن اهي پيپلز پارٽي کي سپورٽ ڪندا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ڪوبه سپورٽ نٿو ڪري، جن پيپلز پارٽي کي آندو آهي اهي ئي انهي کي واپس وٺي وڃن.