جماعت اسلامي طرفان ڳالهين جي ڪاميابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان، حڪومت سان ڳالهيون اڄ ٻيهر ٿينديون

جماعت اسلامي حڪومت سان ڳالهين جي ڪاميابي تائين راولپنڊي ۾ مهانگائي، بجلي ۽ ٽيڪس جي خلاف ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي ۽ حڪومتي ٽيم وچ  ڳالهيون اڄ ٻيهر ٿينديون حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جماعت اسلامي کي ٽيڪنيڪي ڪميٽي جي جائزي کان آگاهه ڪندي. گذريل ڏينهن حڪومتي ٽيم سان ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي لياقت بلوچ چيو ته حڪومتي ٽيم سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي پر ڌرڻو به جاري رهندو. ٻئي طرف حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جا وڌيڪ مطالبا بجلي بابت آهن ڪوشش آهي ته انهي مسئلي کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمت گهٽ ٿي ته پيٽروليم شين تي به رليف ملندو. ٻئي پاسي مظاهرين کي خطاب ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ماضي جيان مطالبا ٽارڻ جي ڪوشش نه ڪريو، اسان جو ڌرڻو سمورا مطالبا مڃڻ تائين ئي ختم ٿيندو.حڪومت طرفان لڳايل هي ڪنٽينر اسان جو رستو نٿا روڪي سگهن، هي ماڻهو چاهين ٿا ته آءِ پي پيز جو ڌنڌو هلندو رهندو پر اسان عوام جي لاءِ رليف وٺي ئي واپس وينداسين. ياد رهي ته مري روڊ لياقت باغ جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڌرڻي ۾ اڄ عورتن جو جلسو ٿيندو جنهن ۾ جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندو.