راولپنڊي پوليس ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جي مالي خاني مان چوري ٿيل ڪروڙين روپين جي ماليت جو مال هٿ ڪري ايف آءِ اي ملازم سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب مندره ٿاڻي جي پوليس مندره ٽول پلازه تي وڏي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ز اسلام آباد سي بي سي آفيس مان چوري ڪيل شيون پڪڙيون ويون جڏهن ته جبري برطرف ڪيل ايف آءِ اي اهلڪار سميت 2 جوابدار به گرفتار ڪيا ويا. مندره ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب جوابدارن کي ٽول پلازه تي بيهڻ جو اشارو ڪيو ڀڄڻ تي پيڇو ڪري ايل آر بي ٽي اسپتال ڀرسان پڪڙي ورتو، گاڏي جي تلاشي وٺڻ تي ايف آءِ اي ٿاڻي، سي بي سي آفيس سيڪٽر جي 13 مان چوري ڪيل مال ڪيسن جا 7 پارسلز، موبائل فون، وائرليس سيٽ، گاڏي جون جعلي نمبر پليٽون، سروس ڪارڊ، ايئرپورٽ تي داخلا جي عارضي پرمٽ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ، اي ٽي ايم ڪارڊ، موبائل سمز، ماسڪ، افغان سٽيزن ڪارڊ ۽ ترڪش ڪارڊ هٿ ڪيا ويا. شروعاتي جاچ دوران جوابدارن سعد انور ۽ محمد حمزه اعتراف ڪيو ته هٿ آيل سامان ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ڪارپوريٽ ٿاڻي، بينڪنگ سرڪل سيڪٽر جي 13 تان گذريل ڏينهن چوري ڪيو ويو جنهن ۾ عبدالله خان، مهتاب، علي ۽ حسن به انهن سان گڏ شامل هئا. پوليس موجب گرفتار هڪ جوابدار ايف آءِ اي مان جبري طور برطرف ڪيو ويو هو. جڏهن ته جوابدارن جي 4 ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ايف آءِ اي جي چوري ٿيل مال، ڪيسن جي برآمدگي جي حوالي سان ايف آءِ اي اختيارين کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قبضي ۾ ورتل مختلف پارسلز ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي مجود آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.