جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي سڪريٽري جنرل علامه راشد محمود پاران ڪنڌڪوٽ م دورو

جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي سڪريٽري جنرل علامه راشد محمود پاران ڪنڌڪوٽ م دورو۔ جمعيت علماء اسلام جي رهنما حافظ ربنواز چاچڙ جي پيٽرول پمپ تي مختلف سياسي سماجي ماڻھن سان ملاقاتونسياسي جوڙ توڙ ۽ ٽڪيٽن جي ورڇ بابت تنظمي عهديدارن سان ميٽنگ ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ اندر جعيت سڀني سياسي پارٽين سان مزاڪرات ڪندي ليڪن هر سيٽ تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي ڪو به خالي نه ڇڏبو هر جاء تي مقابلو ڪبو ان موقعي تي ضلع ڪشمور جي سگهاري ماڻھو ۽ وڏي ووٽ بينڪ رکندڙ بجاراڻي قوم جي معزز شخصيت محترم مير شاهزين خان بجاراڻي باضابطا طور جمعيت علماء اسلام م شموليت جو اعلان ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس م ڳالهائيندي چيو جمعيت سان مڪمل سهڪار ڪندس مونکي اگر ٽڪيٽ نه به ملي تڏهن به جمعيت م رهندس اگر جي يو آء مونتي اعتماد ڪري مونکي ٽڪيٽ ڏني ته کٽي ڏيکاريندس ان شاءالله ۔رب جي مدد سان پ پ وارن جون ننڊون فٽائي ڇڏيندس ان موقعي تي جيڪب آباد ڊاڪٽر اي جي انصاري سيد عدالباسط شاه کان علاوه محترم مير غزين خان بجاراڻي مير شفيق خان کوسو ۽ قاري محمد شفيع کوسو امير مولانا شمس الدين ڀيري جنرل سڪريٽري جي يو آء ضلع ڪشمور کان علاوه ڪافي تعدادم جمعيت جا عهديدار ۽ علائقي جا معزز شامل هيا