جناح هائوس تي حملو ڪندڙ شرپسند جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

جناح هائوس لاهور تي حملو ڪندڙ نوجوان شرپسند رئيس احمد ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.پنهنجي اعترافي بيان ۾ شرپسند رئيس احمد ٻڌايو ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان پوءِ زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ جي ٺاهيل منصوبن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد جي اڳواڻي ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور پهتس. جناح هائوس ۾ اسان ڀڃ ڊاهه ڪئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ملي اسان باهيون پڻ ڏنيون.رئيس احمد ٻڌايو ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو آهي، ڇو ٿيو آهي ان جي پٺيان گذريل هڪ سال کان پي ٽي آءِ چيئرمين جي فوج خلاف لاڳيتو تقريرون ٻڌي منهنجي ذهن ۾ فوج خلاف نفرت شروع ٿي وئي جنهن کان پوءِ مون اهو ڪم ڪيو آهي.ياد رهي ته شرپسند رئيس احمد جو تعلق سوات جي ضلعي شانگلا سان آهي. جڏهن ته ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ ۾ شامل ڏوهاري قانون جي تحويل ۾ آهن.