لاهور جي جناح هائوس تي 9 مئي تي ٿيندڙ حملي جي جاچ جاري آهي.پوليس ذريعن موجب پوليس اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ سندس مڙس کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس ذريعن ٻڌايو ته خديجه شاهه جناح هائوس تي حملي جي مک جوابدار آهي، پوليس پهچڻ تي هوءَ پوئين دَر مان نڪري وئي، جنهن جي سي سي ٽي وي به اچي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب عمر شيخ نالي شخص خديجه شاهه کي پناهه ڏني هئي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته خديجه شاهه جي پيءَ سلمان شاهه ۽ ڀاءُ کي حراست ۾ وٺڻ جو الزام غلط آهي.پوليس جناح هائوس تي حملي جا سمورا ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن.