غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي اعلان باوجود اسرائيل جا والاريل پٽي تي حملا رڪجي نه سگهيا، تازن حملن ۾ 73 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي سول ڊفينس ايجنسي موجب اربع تي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي واري اعلان کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 73 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته جنگبندي جي اعلان باوجود حملا ناهن رڪجي سگهيا، اسرائيل طرفان حملا غزه پٽي جي مختلف علائقن ۾ ڪيا ويا. جن مان 73 فلسطيني صرف غزه ۾ شهيد ٿيا. ياد رهي ته اربع تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني غزه جنگبندي معاهدو طئي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو آهي ته جنگبندي معاهدو ڪرائڻ جي لاءِ قطر، مصر ۽ آمريڪا جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن. هن چيو ته جنگبندي جو فيصلو 19 جنوري کان لاڳو ٿيندو. حماس ۽ اسرائيل سان جنگبندي واري مرحلي تي عملي ڪم جاري آهي. قطري وزيراعظم ٻڌايو ته معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي ٿيندي، معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ بي گهر ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي شامل آهي. ڇهن هفتن جي جنگبندي تي عمل 3 مرحلن ۾ ڪيو ويندو. مرحليوار سويلين قيدين جي ڏي وٺ ۽ جنگ جي خاتمي تي ڳالهيون ڪيون وينديون. ٻئي مرحلي ۾ اسرائيلي فورس جا قيدي حماس آزاد ڪندي ۽ غزه جي عوامي هنڌن کان اسرائيلي فوج جو انخلا ٿيندو. ٽئين مرحلي ۾ اسرائيلي فورسز جو غزه مان مڪمل انخلا ۽ غزه جي نئين سري سان تعمير تي ڪم ڪيو ويندو.