جهڏو ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، ٻه ٻارڙا چيڀاٽجي فوت، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. مٺي ميرپورخاص مين روڊ تي سبزي منڊي ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ڀڳڙي باغ جو رهواسي شبير ڪنبوه ۽ سندس ٽي ٻار اٺ ورهين جي نينگري هانيا، پنج ورهين جو ريحان، 3 ورهين جي عائشہ زخمي ٿي پيا، جنهن مان 8 ورهين جي نينگري هانيا ۽ پنج ورهين جو ريحان ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته شبير ڪنبوه ۽ 3 ورهين جي ٻارڙي عائشہ زخمي آهن جهڏو پوليس زخمين ۽ لاشن کي صحت مرڪز منتقل ڪري ڇڏيو. جتي سخت زخمين جو علاج هلندڙ آهي هوڏانهن جهڏو پوليس ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.