ڀارت جي شهر بينگلور سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جيڪو 4 آگسٽ کان گم هو انهي کي خميس جي شام نوئيڊا جي هڪ مال ڀرسان ڏٺو ويو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اتر بينگلور جي رهواسي انهي شخص کي فلم ڏسڻ کان پوءِ مال کان ٻاهر ايندي ڏٺو ويو جنهن کان پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ واپس ان جي شهر بينگلور کڻي آيا. انهي شخص جي زال جي طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پوليس سندس مڙس جو پتو لڳائڻ جي لاءِ خاطر خواهه ڪوششون نه پئي ڪري، عورت موجب سندس مڙس ڪجهه روڪ رقم ڪڍرائڻ لاءِ اي ٽي ايم وڃڻ کان پوءِ گم ٿي ويو هو مذڪوره شخص 4 آگسٽ کان گم هو، زال کي شڪ هو ته ان جي مڙس کي اغوا ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ دوران پوليس انهي شخص کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهي ڇو ته انهي جو موبائل به بند پئي ويو، پوليس بس اسٽينڊز، ريلوي اسٽيشن ايستائين جو هوائي اڏن تي به سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي چيڪ ڪيو پر گم ٿيل شخص جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو پر جڏهن انهي شخص نئين سم خريد ڪئي ۽ فون ۾ وڌي ته پوليس وارن کيس ٽريڪ ڪري ورتو. ڀارتي پوليس خابرو اداري کي ٻڌايو ته جڏهن اسان مان 3 اهلڪارن مذڪوره شخص کي مال جي ٻاهران گهيري ورتو ته انهي کي احساس ٿيو ته اسان سول ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار آهيون، جڏهن اسان انهي کي واپس گهر وڃڻ جو چيو ته هن سختي سان گهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي شخص ڏوراپا ڏيندي چيو ته مون کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو مان اتي رهڻ لاءِ تيار آهيان پر گهر واپس نه ويندس، بينگلور پوليس مذڪوره شخص کي بينگلور واپس آندو جتي هن پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي زال هراسان ڪندي آهي ۽ مون تي تشدد ۽ ظلم ڪندي آهي. بيان ۾ انهي شخص ٻڌايو ته مان انهي عورت جو ٻيون مڙس آهيان، مان انهي عورت سان 3 سال اڳ مليو هئس ته هو 12 سالن جي ڌيءَ سان گڏ طلاق يافته هئي، مان بيچلر هئس، انهي وقت مان انهي عورت سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿيس، اسان جي هڪ 8 مهينن جي ڌيءَ به آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي زال منهنجي آزادي ختم ڪري ڇڏي آهي، ماني کائڻ وقت جيڪڏهن پليٽ مان چانور جو داڻو يا ماني جو ٽڪڙو ٻاهر ڪري پوندو هو ته هو منهنجي مٿان رڙيون ڪندي هئي، دڙڪا ڏيندي هئي ايستائين جو تشدد جو نشانو به بڻائيندي هئي، مون کي پنهنجي مرضي جا ڪپڙا پارائيندي هئي، ايستائين جو مان چانهه پيئڻ جي لاءِ اڪيلو ٻاهر به نٿي وڃي سگهيس.