جيڪب آباد ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان چاچو ۽ ڀائيٽو قتل جڏهن ته هڪ ڀائيٽو سخت زخمي ٿي پيو. سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ تي موٽر سائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ مهراڻ پهوڙ واسي محمد حيات پهوڙ ۽ ان جي ڀائيٽن منير احمد ۽ نصير احمد تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني آهي نتيجي ۾ محمد حيات ۽ منير احمد ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته نصير احمد مرڻينگ ٿي پيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتول ڌر 2018 ۾ شهمير پهوڙ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو ان جي پلاند ۾ چاچي ۽ ڀائيٽين کي قتل ڪيو آهي مقتول عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي. فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿيل نصير پهوڙ به زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ منتقلي دوران رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هڪ ڌر حملو ڪيو آهي.