جيڪب آباد ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن دوران پوليس شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب صدر ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي پوليس مقابلي ۾ شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار نوڪر جکراڻي مارجي ويو آهي. پوليس موجب ڏوهارين سان مقابلو هلندڙ آهي جنهن جي لاءِ اضافي نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ نوڪر جکراڻي مارجي ويو آهي جيڪو شهيد اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ۾ ملوث هو ڊي ايس پي موجب ڏوهارين سان مقابلو هلندڙ آهي اضافي نفري طلب ڪئي وئي ڏوهارين جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي. رياست جي رٽ کي چئيلنج ڪرڻ نه ڏينداسين.