جيڪب آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مولاداد ٿاڻي جي حد نوازو جاگير ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان غلام حسين جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهتا، لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿيل ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، جڏهن ته علائقي ۾ اهي ڄوٻول آهن ته نوجوان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.