جيڪب آباد ۾ پوليس جي مبينا تشدد سبب نوجوان فوت، وارثن جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو

جيڪب آباد ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سندس وارثن پوليس تي مارڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو. پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل عمران علي جو لاش پوليس اسپتال پهچايو.  اطلاع تي فوتي جا وارث به اسپتال پهتا جن پوليس تي نوجوان کي مارڻ جا الزام مڙهي ڇڏيا. ان موقعي تي فوت ٿي ويل نوجوان جي ڀاءُ توفيق ڪٽو صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ کي ڪالهه سول لائن پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي هاڻي سندس لاش اسپتال کڻائي آيا  آهن.  هن چيو ته ڀاءُ کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان عمران علي ڪٽو جو لاش سندس وارثن قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. شهيد الهه بخش سومرو پارڪ وٽ فوتي جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. فوتي جي وارثن ايس ايس پي جي يقين ڏيارڻ بعد لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال کڻائي ويا.