جي ايڇ ڪيو حملو: شيخ رشيد جي بريت واري اپيل تي شاهدين لاءِ حڪومت مهلت گهري ورتي

جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيد رشيد جي بريت واري اپيل تي شاهديون پيش ڪرڻ جي لاءِ پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ کان مهلت گهري ورتي. رپورٽ موجب  جسٽس هاشم خان اسپيشل پراسيڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته التوا گهرڻي هجي ته ٻئي ڀيري عدالت ۾ نه اچجو. شيخ رشيد جي خلالف ڪهڙيون شاهديون آهن؟ خدا جو خوف ڪريو، شيخ رشيد 50 ڀيرا ايم اين رهي چڪو آهي، هو بزرگ ماڻهو آهي ڪيڏانهن ڀڄي ويندو. جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم خان چيو ته هن عدالت ۾ صرف قانون موجب ئي فيصلو ٿيندو. زمين ڪري پئي يا آسمان ڦاٽي، عدالت ۾ قانون کان هٽي ڪجهه به نه ٿيندو. ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر طرفان التوا جي استدعا تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته التوا صرف جج، وڪيل يا جوابدار جي لاڏاڻي تي ئي ملندو. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته ڪجهه جوابدارن جا اعترافي بيان پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته هي جن جي اعترافي بيانن جو حوالو ڏئي رهيا آهن اهي فائل جو حصو آهن، حڪومت مهلت پاڻ گهري آهي، الزام عدالتن ۽ جوابدارن تي لڳائيندي آهي. شيخ رشيد جي وڪيل ٻڌڻي هن ئي هفتي مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي. جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ چيو ته ايندڙ هفتي ڪيس مقرر ٿيندو انهي جي فڪر نه ڪريو.