جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري وڌيڪ 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. انهي موقعي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اي ٽي سي جي جج فرد جرم پڙهي ٻڌائي. عدالت شيرين مزاري، راشد حفيظ، منير خادم حسين کوکر، ذاڪرالله، عظيم الله، طاهر صادق، مهر جاويد، چوڌري آصف سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي، اجمل صابر ۽ سڪندر زريب تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي، ڪيس ۾ ٽوٽل 98 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي. لاڳيتو حاضر رهندڙ 23 جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. علي امين گنڊاپور سميت 23 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار آهن. جنهن کان پوءِ راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ياد رهي ته 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان تي اڳ ئي فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي.