جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

 جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ جي حمايت نٿا ڪريون اهو جمهوريت جي خلاف آهي. رحيم يار خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪابه حڪومت نه آهي، ٻنهي صوبن ۾ افراتفري پکڙيل آهي ملڪ ۾ انارڪي مسئلي جو حل نه آهي. ڌانڌلي کان پاڪ اليڪشن ٻيهر ڪرائي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ جي حمايت نٿا ڪريون، گورنر راج جمهوريت جي ابتڙ آهي، پر حالتون خراب وڌيڪ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ لڳائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف چارسده ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي جي حمايت ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ غير جمهوري رويو رکي ٿي، 9 مئي ۽ 24 نومبر جي واقعن تي پابندي جو بهترين جواز آهي. گورنر راج مسئلي جو حل نه آهي. گورنر راج سان صرف انا ۽ ضد پوري ٿي ويندي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به پارٽي جي مٿان پابندي جي حمايت نٿي ڪري.