حيدرآباد: ايم ڊي سافڪو مائيڪروفنانس جي سالگرهه تقريب، ملڪي معيشت ۾ سافڪو ڪردار تي روشني وڌي وئي

سافڪو گروپ پاران ’سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني‘ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه جي سالگرهه ملهائي وئي. جنهن ۾ سافڪو ۾ سندس خدمتن ۽ ملڪي معاشي سرگرمين ۾ سافڪو جي ڪردار تي روشني وڌي وئي. سافڪو هيڊ آفيس ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني، سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري وڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن ۽ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي مکيه ڪارڪنن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته جنهن معاشري ۾ اسين رهون ٿا، اتي رابطيڪاري، ذهني تربيت جي کوٽ آهي، جنهن سبب فردن توڙي ادارن بابت راءِ سندن عمل بدران روين کي نظر ۾ رکي، اندازا ۽ ڌُڪا هڻي جوڙي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ نج پروفيشنل ماڻهن بابت حقيقي راءِ سامهون اچڻ مشڪل ٿيو پوي، جڏهن ته  پروفيشنل ماڻهو ان جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ ذميواريون نڀائيندا رهن ٿا، جن مان سجاد علي شاهه به هڪ آهي. سافڪو جي ترقيءَ ۾ سجاد علي شاهه جو انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي هن جي محنتن تي فخر آهي. هن چيو ته انتظام سنڀالڻ پيشه وراڻي مهارت آهي. انتظاميا جو حصو هئڻ جي ناتي اسان کي انتظاميا اندر رابطيڪاري، گڏيل سمجهه، سکيا، مطالعن، مشاهدن ۽ پيشه ور عمل کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. اسان ٻين مان جيڪا توقع ڪريون ٿا، ان تي پاڻ به پورا لهون ٿا يا نه؟ جيڪڏهن نٿا لهون ته اسان کي اهڙو ٿيڻ لاءِ وک وڌائڻي پوندي. هن چيو ته سجاد علي شاهه جي وڏي خوبي اها آهي ته هو اندازا ۽ ڌڪا هڻڻ بدران حقيقي ڪارڪردگيءَ لاءِ عمل ۽ ڪم تي ڌيان رکندڙ ماڻهو آهي. سليمان جي ابڙو وڌيڪ چيو ته اندر جي احساسن ۽ پيشه وراڻيت کي گڏائي سنجيده رويا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن ۾ احترام، هم آهنگي، رواداري ۽ پائيداري هجي ٿي. اهڙي طرح منصب توهان کان ذميوارين جي پوراءَ جي تقاضا ڪري ٿو. جيئن سج روشني ڪندو آهي ته ان ۾ تپش به هوندي آهي، پر سج پنهنجا ڪرڻا بنا ڪنهن فرق جي سڀني تي نڇاور ڪندو آهي. اهو عمل انتظاميا ۽ پيشه وراڻيت جو اولڙو آهي. اهڙي طرح اسان جي هنن ڪوششن جا اجتماعي طور ملڪي معاشي بهتريءَ تي اثر پئجي رهيا آهن، جيڪا ڳالهه اسان خوشيءَ جو سبب آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بشير احمد ابڙو چيو ته ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن سان رابطن، سافڪو جي بهتر نظام کي برقرار رکڻ، ماتحت ملازمن توڙي سافڪو مان فائدو وٺندڙن ڏانهن سجاد علي شاهه جو رويو نهايت هاڪاري آهي، جيڪو مجموعي طور سافڪو جي ڪاميابي ۽ ترقيءَ جو سبب آهي.  ان موقعي تي سترام سوٽهڙ، هريش ڪمار، ذيشان ميمڻ، رميز اقبال ميمڻ، سنيل ڪمار، فاروق لغاري، اختر ملاح، واجد جوڻيجو، حميد ملاح، معشوق قريشي، جئه پرڪاش، ثناءُ الله ملاح، جسونت ڪمار، شمشاد احمد، اياز شيخ، مجيب ناريجو، علينا افتخار، اقرا شعيب ۽ ٻين پڻ سيد سجاد علي شاهه جي شخصيت، پيشه ور صلاحيتن ۽ روين بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي سيد سجاد علي شاهه سالگرهه ملهائڻ تي سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته  سافڪو جيڪي به ڪاميابيون ماڻيون اهي مون اڪيلي نه پر سموري سٿ جي محنتن ۽ سليمان جي ابڙو جي اعتماد ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو آهن. مائيڪروفنانس شعبي بابت ڳالهائيندي سيد سجاد علي شاهه چيو ته هن وقت ڪيترائي چئلينجز نظر اچي رهيا آهن، هي شعبو هن وقت گھڻي دٻاءَ هيٺ آهي، ڪورونا، ٻوڏ طرفان ماڻهن جي روين تي منفي اثر ڇڏيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ سياسي سماجي حالتن جا اثر به اسان جي ڪم تي پئجي رهيا آهن، پر اسان ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي صلاحيتن کي وڌايون. هن چيو ته آئون پاڻ کي هڪ ڪارڪن سمجھان ٿو، توهان جيڪا به تنقيد ۽ تعريف ڪئي ان کي نظر ۾ رکي پنهنجو جائزو وٺندس. آخر ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن ته سيد سجاد علي شاهه کي اجرڪ، لونگي، پرفيوم، گلدستن جا تحفا ڏنا ويا.