حيدرآباد: اينٽي ڪرپشن جي عدالت فراڊ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

اينٽي ڪرپشن جي عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي حيدرآباد: (خميس: 22 فيبروري 2024ع) اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ ڳوٺاڻن کي روزگار سانگي سعودي عرب اماڻڻ بهاني 17 لک رپين جي فراڊ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سينٽرل شگفته اي ڪاڪا جوابدار غلام مصطفيٰ لغاري کي 11 لک 90 هزار رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت جاچ ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي ايف آءِ اي ڊائريڪٽر کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي جاچ آفيسر خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي جولاءِ 2022ع تي ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل حيدرآباد هالا جي ڳوٺ ملوڪ خان لغاري جي رهواسي ڳوٺاڻن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو ڪيس ۾ طالب حسين لغاري ۽ ٻين ڄاڻايو ته جوابدار غلام مصطفيٰ لغاري روزگار سانگي سعودي عرب موڪلڻ لاءِ في ماڻهو کان هڪ لک 70 هزار رپيا ورتا هئا 10 ڄڻن گڏجي کيس 17 لک رپيا رقم ڏني پر جوابدار ساڻن فراڊ ڪري فرار ٿي ويو آهي ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو عدالتي حڪم کان پوءِ جوابدار کي پوليس تحويل ۾ وٺي سينٽرل جيل اماڻيو ويو.