حيدرآباد ۾ رات دير سان ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ وڪيلن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ وڪيلن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. ڀٽائي نگر پوليس گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ علي رضا ايڊووڪيٽ جي خلاف جعلي نمبر پليٽ لڳائڻ جي الزام ۾ جعلسازي ۽ فراڊ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ وڪيل برادري اڱاري جي ٻنپهرن جو 2 وڳي ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ ڌرڻو هنيو. انهن جو مطالبو هو ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي عهدي تان هٽائي ڪيس ختم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي فرخ لنجار جو موقف هو ته آءِ جي سنڌ جي هدايت تي گاڏين ۾ ڪارا شيشا ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جنهن دوران 3 پوليس آفيسرن سميت 50 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، وڪيل جي جنهن گاڏي کي روڪيو ويو انهي جي نمبر پليٽ نه هئي. ڊي آءِ جي طارق ڌاريجو وڪيلن سان ڳالهين کان پوءِ چيو ته وڪيل ۽ پوليس پاڻ ۾ ڀائر آهن وڪيل برادري جو مطالبو پورو ڪنداسين. جنهن کان پوءِ وڪيل صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڳالهين ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي جو ٽرانسفر ڪيو ويندو.