حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن کان اڄ صبح تائين وقفي وقفي سان ٿيندڙ برسات ضلعي انتظاميه ۽ بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ جڳهه جڳهه تي برساتي پاڻي جمع ٿيل آهي لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ماڻهن جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن. آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد نمبر 2، 7 ۽ 8، شهر ۾ ٽيون نمبر تلاءِ، لياقت ڪالوني، ڪلاٿ مارڪيٽ، شيدي ڳوٺ، وقار ٽائون جي علائقن ۾ بيٺل پاڻي سبب موٽر سائيڪل سوار ۽ ڪار سوارن سان گڏ پنڌ هلندڙن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻئي طرف برسات جي پهرين ڦڙي وسڻ سان گڏ ئي مختلف علائقن ۾ بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. ڪجهه علائقن ۾ 22 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي. حيسڪو ترجمان موجب حيدرآباد ضلعي جي 17 ۽ ريجن جي 47 فيڊرز تي بجلي جي فراهمي معطل آهي. پيٽرولنگ جو عمل جاري آهي. فالٽ ختم ڪري فيڊر جي بحالي جي ڪم ۾ مصروف آهيون.