حڪومت بجلي 10 روپيه في يونٽ سستي ڪرڻ جي خواهشمند، مختلف آپشن تي ڪم جاري

وفاقي حڪومت بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف آپشن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي تحت حڪومت 10 روپيه في يونٽ بجلي سستي ڪرڻ جي خواهشمند آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت جو پهريون آپشن آءِ پي پيز سان ڳالهين جو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، 5 آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪري حڪومت کي گڏيل طور تي 411 ارب روپين جي بچت ٿيندي ۽ اها بچت ساليانو 70 ارب روپيه بڻجندي. توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته بگاس جي 8 پاور پلانٽس جو ٽيرف تبديل ٿيڻ سان 238 ارب روپين جي بچت ٿيندي. اها بچت ساليانو 8 ارب 83 ڪروڙ روپيه بڻجي ٿي. وڌيڪ 16 آءِ پي پيز سان معاهدن جي نتيجي ۾ 481 ارب روپين جو فائدو ٿيندو. آءِ پي پيز معاهدن جي خاتمي يا ان ۾ تبديلي جو فائدو صارفين کي ڏنو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سستي بجلي جي لاءِ ونٽر بجلي سهوليت پيڪيج ۾ واڌ جو جائزو به وٺي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن تي ٽيڪسز جو بار گهٽ ڪرڻ جي به تجويز غور هيٺ آهي. وفاقي حڪومت ساليانو 800 ارب روپين کان وڌيڪ بجلي جي بلن تي ٽيڪسن مان حاصل ڪري ٿي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙن سمورن قدمن سان حڪومت 10 روپيه في يونٽ تائين بجلي سستي ڪرڻ چاهي ٿي.