پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار لطيف کوسه دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت گوڏا کوڙي چڪي هئي ۽ عمران خان کي آزاد ڪرڻ لاءِ به تيار هئي، رڪاوٽ تڏهن پيش آئي جڏهن چيو ته آزاد ڪري ڇڏينداسين، اسان جو مطالبو فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو هو. احتجاج دوران پي ٽي آءِ جا 278 ڪارڪن مارجي ويا آهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي لطيف کوسه چيو ته ڳالهين دوران وچ ۾ ڪجهه ماڻهن مداخلت ڪري معاملا خراب ڪري ڇڏيا، تحريڪ ائين ختم ناهي ٿيندي ته تشدد ڪري اٿاري ورتو اڃان ته اسان ويا ئي نه آهيون، تحريڪ جاري آهي، اسلام آباد به اينداسين ۽ اسان جي حڪومت به واپس ايندي. هن چيو ته اڱاري تي احتجاج دوران اسان جا 278 ڪارڪن مارجي ويا آهن. نجي چينل جي اينڪر طرفان لطيف کوسي کي چيو ويو ته مارجي ويل ڪارڪنن مان 8 جا ئي نالا ٻڌائي ڇڏيو ته لطيف کوسي جواب ڏنو ته اها ڳالهه مون کي خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌائي آهي. لطيف کوسي اها به دعويٰ ڪئي ته 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جا 1900 ڪارڪن گوليون لڳڻ سبب زخمي به ٿيا. نجي چينل جي اينڪر طرفان شاهديون گهريون ويون ته لطيف کوسي چيو ته ثبوت اسان وٽ هن وقت موجود نه آهن پر اسان اهي ثبوت اوهان کي بعد ۾ ڏينداسين. لطيف کوسي چيو ته گهرو وزير وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ته ڪوبه ڊي چوڪ اچي ڏيکاري سخت پوليس پهري ۽ چيڪنگ باوجود به ڪارڪن اسلام آباد پهتا، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير شهيد ڪارڪنن جي گهر ڀاتين کي هڪ ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ڪارڪنن جي شهادت تي ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، ڪوشش هوندي ته اسان ايف آءِ آر خيبرپختونخواهه ۾ داخل ڪرايون، اسان کي خبر آهي ته اسلام آباد ۾ اسان جي ايف آءِ آر ڪوبه داخل نه ڪندو.