حڪومت پاڪستان جي عمره پاليسي جي تياري: ڀيکارن کي حجاز مقدس وڃي ملڪ جو نالو بدنام ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سخت قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

پاڪستان جي سخت عمره پاليسي: سعودي عرب ۾ ڀيکارين جي تعداد کي روڪڻ لاءِ حڪومت اهم قدمن جي تياري شروع ڪري ڇڏي

پاڪستان ۾ عمره جي نالي تي سعودي عرب وڃڻ وارن ڀيکارين خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن. حڪومت پاڪستان هڪ نئين عمره پاليسي تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ زائرين کان بيان حلفي ورتو ويندو ته اهي سعودي عرب ۾ ڀيڪ نه گهرندا، ۽ خلاف ورزي تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، ٽوئر آپريٽرز کان پڻ عمره زائرين بابت بيان حلفي ورتو ويندو. وڌيڪ اهو ته هاڻي عمره زائرين اڪيلو سعودي عرب نه وڃي سگهندا، پر گروپ سان گڏ ئي وڃي سگهندا.

اهي قدم ان ڪري اهم سمجهيا پيا وڃن، ڇو ته سعودي عرب ۾ پيشه ور ڀيکارين جي اڪثريت پاڪستاني هوندي آهي، جيڪي عمره جي نالي تي وڃي ملڪ جو نالو بدنام ڪن ٿا. هن صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت سعودي عرب کي ڀيکارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي يقين ڏياريو آهي.