حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

حڪومت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيه 47 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 256 روپيه 13 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان مقرر ڪيل پيٽروليم شين جي نئين قيمتن کان پوءِ پيٽرول 3 روپيه 47 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ  في ليٽر قيمت 252.66 روپين مان وڌي 256 روپيه 13 پئسا ٿي وئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل به 2 روپيه 61 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 260.95 روپيه في ليٽر ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون گذريل رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون آهن جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ برقرار هونديون.