حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿي ويو، ٻنهي ڳالهين واري ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڳالهين واري ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس هاڻ 2 جنوري تي ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صداقت هيٺ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمره اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر 5 ۾ ٿيو جنهن ۾ حڪومت جا 7 ۽ پي ٽي آءِ جا 3 ميمبر شريڪ ٿيا. ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان، ٻنهي مثبت طريقي سان ڳالهيون ڪيون ۽ مثبت ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، اڄ ڪجهه ماضي ۽ ڪجهه حال جون ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته ماحول بهتر هو، اميد نظر اچي ٿي ته سڀ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڳالهين سان مسئلن جو حل نڪرندو. ڳالهين سان ئي اڳيان وڌي سگهجي ٿو. جڏهن ته جمهوريت ۽ معيشت جو استحڪام ملڪ جي لاءِ بهتر آهي. گڏجاڻي کان پوءِ حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي اجلاس جو پڌرنامو پڙهي ٻڌايو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسد قيصر ٻڌايو ته اپوزيشن جا ڪجهه ميمبر عدالتي ڪيسز ۽ ٻيا ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب هنگامي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا.. پڌرائي موجب اجلاس جي دوران حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين واري ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ڳالهين واري ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو. آئنده اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبر مطالبن جي فهرست پيش ڪندا. حڪومت سان ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد قيصر چيو ته گڏجاڻي ۾ اسان پنهنجو موقف سامهون رکيو. اسان سمورن قيدين خاص طور تي عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو اسان جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي حوالي سان به مطالبو سامهون رکيو، اسان هڪ چارٽر آف ڊيمانڊ 2 جنوري تي پيش ڪنداسين. هن چيو ته اسان عمران خان سان رابطو رکڻ جو به مطالبو ڪيو. حڪومت عمران خان سان ملاقات جو مطالبو مڃي ورتو. جيلن ۾ قيد ڪارڪنن جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. باقاعده ڳالهين جي شروعات 2 جنوري تي ٿيندي.