خاڻوٺ/ڀرسان پسند جي پرڻي تان منظورآباد جي رهواسڻ نوجوان ناري ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل

خاڻوٺ ڀرسان منظورآباد جي رهواسڻ نوجوان ناري شھزادي ڌيء الھ بچايو مڱڻھار کي ڪراچي ۾ سندس ويڳي مامي شريف مڱھڻار ڪهاڙين جي وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو مارجي ويل منظورآباد جي رهواسڻ نوجوان ناري شهزادي 9 مھينا اڳ ڄامشورو جي رهواسي دلدار کوسو سان گھران نڪري عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو نوجوان ناري کي سندس پيء الھ بچايو مڱڻهار ريتن رسمن سان سندس مڙس دلدار کوسو سان رخصتي ڪرائڻ  جو ڏٺو ڏئي ڪري گهرائي ڪراچي ۾ قيد ڪيو ھو منظورآباد جي رهواسڻ ناري مارجڻ کان اڳ پنهنجي مڙس دلدار کوسو کي وائيس مسيج اماڻي قتل ٿيڻ کان آگاھ ڪيو هو جنھن ۾ ھو چئي رھي هئي ته مونکي پلاننگ تحت قتل ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.