بلوچستان جي ضلعي خضدار کان پنجاب جي شهر راولپنڊي ڏانهن ويندڙ مسافر بس تي نامعلوم دهشتگردن جي بم حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب خضدار مان روانو ٿيل مسافر بس تي ڌماڪو ايم 8 شاهراهه تي ٿيو، اسسٽنٽ ڪمشنر خضدار حفظ ڪاڪڙ خضدار کان راولپنڊي ويندڙ بس تي ڌماڪي جي تصديق ڪئي. ليويز اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪيدار مواد ٻئي گاڏي ۾ لڳايو ويو هو. ليويز اختيارين موجب ڌماڪيدار مواد روڊ ڪناري بيٺل ڪار ۾ لڳايو ويو هو، بس جي گذرندي ئي ڌماڪو ٿي ويو، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي ٽراما سينٽر خضدار منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي جي جاچ شروع ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به تربت جي علائقي ڊهنگ ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 32 زخمي ٿي پيا هئا. پوليس ٻڌايو هو ته ايس ايس پي زوهيب محسن گهر ڀاتين سان گڏ ڌماڪي جي وقت اتان کان گذري رهيو هو. ايس ايس پي ۽ ان جي گهر ڀاتين جا 6 ڄڻا به زخمين ۾ شامل هئا.