تفصيلات موجب، ڪلڪٽر ڪسٽمز جي نگراني هيٺ لاهور ايئرپورٽ تي بروقت ڪارروائي ڪئي وئي، جتي دبئي کان ايندڙ ٻئي غيرملڪي حرام گوشت وٺي پاڪستان پهتا، جيڪو 200 ڪلوگرام کان به وڌيڪ هو۔ ڪلڪٽر ڪسٽمز طيبه ڪياني ٻڌايو ته ممنوعه شيون آڻڻ تي 2 چيني شهرين کي ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي۔ دبئي کان ايندڙ چيني شهرين وٽان 220 ڪلو خنزير جو گوشت ۽ 22 شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته چيني مسافرن کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي۔